جلال حجام سنڌي شيخ

جلال حجام سنڌي، شيخ: ’طبقات اڪبري‘ ۾ اڪبر بادشاهه جي زماني جي درويشن ۾ شيخ جلال حجام سنڌيءَ جو نالو ملي ٿو. کيس فقيهه مجذوب سنڌيءَ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪا معلومات ڏنل نه آهي، طبقات اڪبريءَ ۾ درويشن جي ذڪر جي اختتام تي هيءُ لکيل آهي ته: ”مون انهن ئي فقيهن ۽ محدثن جا نالا لکيا آهن، جن سان منهنجي ملاقات ٿيل آهي“. انهيءَ مان اندازولڳائي سگهجي ٿو ته شيخ جلال حجام سان به اڪبر بادشاهه جي ملاقات ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو